شاهه جي ڪلام جو پارکو ممتاز مرزا 

تحرير: طارق عزيز شيخ

نامياري اديب، محقق، موسيقي جو ڄاڻو، شاهه جي ڪلام جو پارکو ۽ ريڊيو ٽي وي جو، پنھنجي وقت جو مقبول ترين ميزبان ممتاز مرزا اڄ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ وسي ٿو. ھن ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان پاڻ مڃايو. سنڌي ٻوليءَ جو پڻ ھو ڄاڻو ھو. سنڌي ٻوليءَ جي ماھر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ جامع سنڌي لغات جي پروجيڪٽ ۾ لوڪ ادب ماھر شيخ محمد اسماعيل جي ٻانھن ٻيلي طور ممتاز مرزا ورھين جا ورھيه علمي پورھيو ڪيو. اھڙيءَ ريت ھن لوڪ ادب توڙي لطيفيات جي پروجيڪٽن ۾ پڻ ڊگھي عرصي تائين نور نچويو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقي ٽيم جو اھم ڪارڪن رھندو آيو.

ممتاز مرزا سنڌ جو اهو محقق هو جنهن لطيف سائين جي ڪلام جي حوالي سان اڻ ڳڻيا ڪم ڪيا، جن ۾ لطيف جي ميڙن ۾ ادبي ڪانفرنسن جي ميزباني، راڳ جي محفلن جي ميزباني، مقالا لکڻ، تحقيقي ڪم ڪرڻ، ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تي لطيف سائين جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ سميت انهن جي پيشڪار طور سرگرم رهيو. سندس ٽي وي پروگرام "روح رھاڻ” سڄو سارو لطيف سائينءَ جي ڪلام تي ذھني آزمائش وارو يادگار پروگرام ھو.

ستر واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ادبي ۽ موسيقي جي پروگرامن جو مشھور ميزبان بڻيو. ريڊيو جا مقبول ڊراما تحرير ڪيائين ۽ انھن ڊرامن کي عالمي سطح جي ريجنل ڊرامن جي مقابلي ۾ ايوارڊ مليا. سندس ڊرامن ۾ گھڻو ڪري شاھ سائينءَ جي ڪلام ۾ آيل داستانن ۽ ڪردارن جو پس منظر ھوندو ھو. جيئن ڊرامو "واٽون ۽ نيڻ” سر سامونڊيءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ ڊرامو "لاکو ڦلاڻي” لطيف سائينءَ جي ھڪ دلير ڪردار تي لکيل تاريخي ڊرامو آهي.  ممتاز مرزا جي سمورن ڪتابن ۾ لطيف سائينءَ جي ڪلام، سندس راڳ توڙي فقيرن ۽ راڳاين جو ذڪر ضرور ملي ٿو.

اها ڳالهه پڻ سڄي سنڌ جي علم ادبي حلقي کي معلوم آهي ته ممتاز مرزا جي زندگيءَ ۾ ادبي ڪمن ۾ سڀ کان وڏو ڪارنامو شاهه جو “گنج” جديد سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪرڻ آهي. گنج اهو رسالو آهي جيڪو شاهه سائين جي زماني ۾ لکيو ويو هو. هيءُ بحث پڻ اختلافن ۾ هلي رهيو آهي ته شاهه سائين جي حياتيءَ ۾ ڏهه نسخا گنج جا تيار ٿيا هئا. گنج جي معنيٰ آهي “تمام گهڻو”، "بي انت”، "اڻ ڳڻيو”. هن شاهه جي ڪلام کي انهيءَ خيال سان گنج سڏيو ويو آهي جو ٻين شاھ جي رسالن کان  “گنج شريف” ۾ شاهه صاحب جو گهڻو ڪلام ملي ٿو.

ممتاز مرزا جنهن گنج کي جديد صورتخطيءَ ۾ تحقيق ڪري تيار ڪيو، اهو لطيف سائين جي تمر فقير جو لکيل هو. ممتاز مرزا جي مطابق: “گنج شريف، درگاهه لطيفي جي ڀڪ ۾، ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي پنهنجي قائم ڪيل “وڏي اوطاق” تي، تمراڻي فقيرن وٽ، هڪ اهم تاريخي سرمائي ۽ دستاويز جي حيثيت ۾ محفوظ آهي. گنج لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ هڪ مقدس ڪتاب آهي، ۽ جنهن جي هر سال 14 صفر تي نهايت عقيدت ۽ احترام سان زيارت ڪئي ويندي آهي. گنج جو ڪاتب فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه آهي، شاهه جي رسالي جو هيءُ قديم نسخو “جمادي الثاني” 1207هه ۾ ميين محمد اسماعيل کاهوڙي جي چوڻ ۽ نگرانيءَ ۾ لکجي پورو ٿيو.

ممتاز مرزا هي ڪم ٽن سالن تائين پورو ڪرڻ بعد سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 251 هين عرس جي موقعي تي 1995ع تي پڌرو ڪيو، جنهن جي رونمائي تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، ڀٽ شاهه تي ڪئي هئي.

شاهه جي سمورن رسالن ۾ جيئن ته گنج جو پنهنجو رتبو آهي پر تنهن هوندي به هن ڪلام بابت تحقيق هلندڙ آهي. انهي حوالي سان گنج جي محقق ممتاز مرزا جو چوڻ آهي ته: “گنج جون پڙهڻيون گهڻي ڀاڱي صحيح هجن، البته ڪٿي ڪٿي ڪاتب جي تحرير جي ڳوڙهائي ۽ صورتخطيءَ جي فرق ڪري، متن ۾ اصل موجب جيئن جو تيئن پڙهڻي اختيار ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ممڪن آهي ته ڪي عالم ۽ محقق مون واري ڪنهن پڙهڻيءَ سان متفق نه ٿين، انهن لاءِ اصل موجود آهي، ان موجب هو وڌيڪ تحقيق توڙي تصديق ڪري سگهن ٿا.”

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهم ڪارناما ٿيا جن ۾ ممتاز مرزا جو گنج وارو ڪم به انهيءَ ريت مٿانهون آهي. انهيءَ ڪم جي ساراهه جڏهن به گنج پڙهجي ٿو، ممتاز مرزا جي محنت ڏسي ڪئي وڃي ٿي. ائين ئي جيئن سنڌ جي نامياري ناول نگار، ڊراما نويس ۽ ترجما نگار مراد علي مرزا ڪئي آهي:

“ممتاز مرزا جو آخري علمي ۽ ادبي ڪارنامو شاهه لطيف جي مرقد تي رکيل “گنج” کي اصل ۽ ان کي جديد صورتخطيءَ ۾ آڻي ڇپائڻ هو. اهو تمام نازڪ ۽ ڏکيو ڪم اڳ ڪنهن نه ڪيو. اهو اعزاز ممتاز کي ملڻو هو. جنهن ڏاڍي محنت ۽ محبت سان اهو ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريو.”

ممتاز مرزا شاھه عبداللطيف ڀٽائي ۽ صوفي بزرگن جي خاص ڏينھن تي پي ٽي ويءَ تان پروگرام ڪندو ھو. ان کان علاوه ثقافت کاتي  ۾ سنڌ جي نامياري شخصيت عبدالحميد آخوند جڏهن کان سيڪريٽري جي ذميواري سنڀالي تڏهن کان وٺي ممتاز مرزا جو به کاتي جي سمورن علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ ساڻس ڀرپور ساٿ رھيو. ھن 1990ع کان وٺي وفاقي اداري پي ٽي وي کي ڇڏي، ثقافت کاتي، سنڌ حڪُومت ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي کي سنڀاليو ۽ 1996ع تائين انھيءَ عھدي تي مقرر رھيو.

ممتاز مرزا جي ثقافت کاتي ۾ اچڻ بعد اداري پاران اشاعتي ڪم معياري ۽ تحقيقي لحاظ سان وڏي انگ ۾ ٿيڻ لڳو. ان کان اڳي اھڙيءَ رفتار ۾ نه ٿيو ھو. خاص طور تي لطيفيات تي اھم ڪم ٿيو جيڪو سنڌي ادب لاءِ قيمتي ذخيرو ثابت ٿيو. ھو وقتي طور سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمين پڻ رھيو ۽ ھن اداري جا به اشاعتي پروجيڪٽ جاري رکيائين.

سال 1996ع ۾ ھن کي دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ دل واري وارڊ ديوان مشتاق ۾ آندو ويو پر حياتي وڌيڪ وفا نه ڪري سگھيس ۽ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه پنھنجي اباڻي قبرستان ٽنڊو آغا ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.