برطانيا جي نئين ويزا پاليسي ۽ نوجوانن لاءِ موقعا

تحرير: بئريسٽر فرخ زمان کهڙو

پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا جي لاءِ اها خوشخبري آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي برطانيا اچڻ چاهين ٿا يا خواهشمند آهن. جيئن ته برطانيا 2021 کان يورپي يونين واري اتحاد مان نڪري ويندو، جنهن جي ڪري هتي جي جاب مارڪيٽ ۾ وڏي پيماني تي مزدور ۽ ڪم ڪندڙن جي کوٽ ٿيندي. 2020 جي فيبروري مهيني جي هڪ سروي جي مطابق يوڪي اندر 2.31 ملين يورپي ماڻهو ڪم ڪندڙ آهن، انهن مان وڏي انگ ۾ اهي ڪم ڪندڙ مزدور آهن جيڪي سال اندر سيزنل طور تي ايندا آهن ۽ پنهنجي سيزن لڳائي پنهنجي ملڪ واپس ويندا آهن. يوڪي جي يورپي يونين مان نڪرڻ تي هاڻي اهڙن مزدورن ۽ ورڪرن جي اچڻ تي ڪافي پابنديون ۽ مشڪلاتون ٿينديون. يورپ جا ماڻهو (سيزنل) ورڪرز يوڪي بدران هاڻي ٻين ميمبر ملڪن طرف مائل ٿيندا.

ان پسمنظر ۾ يوڪي پنهنجي ليبر مارڪيٽ ۽ ويزا پاليسي تمام آسان ڪئي آهي، جنهن سبب هاڻي سڄي دنيا مان ورڪر ۽ پورهيت هيڏانهن جو رخ ڪندا. هاڻي اچو ته ڏسون اهي ويزا پاليسيون ڪهڙيون آهن:

Tier2 جاب  Visa

Tier 5 عارضي ڪم ڪندڙن لاءِ ويزا

Tier 4

2021 کان يوڪي هاڻي Tier 2 ويزا ۾ ڪافي تبديلي ڪئي آهي. پهريان هتي نوڪري وٺڻ لاءِ معيار تمام گهڻو ڏکيو هو. نوڪري وٺندڙ کي هميشه نوڪيو ايف ليول 6 (NQF 6) مطلب نوڪري وٺندڙ گهٽ ۾ گهٽ يوڪي مان گريجوئيٽ هجڻ جو شرط هو جنهن جي ڪري تمام ٿورڙا ماڻهو هتي اچي نوڪري ڪري پي سگهيا. هاڻي NQF6 جي شرط کي ٿورو نرم ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هاڻي ماڻهو NQF3 جي آڌار تي ايندا. NQF3 جي اندر اهي سڀ اسڪلز رکندڙ ورڪر اچي وڃن ٿا جن ۾ پلمبر، ڪارپينٽر، پينٽر، بورچي، مينوئل ورڪر  اچي وڃن ٿا. Tier 5 عارضي ورڪرن ۾ فقط مزدور، هاري ۽ زاعت جي شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو اچي وڃن ٿا.

يوڪي اندر هر سال 6 مهينن جي لاءِ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو ايندا آهن جيڪي اسٽرابيري ۽ ٻين فصلن جي پوک ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. اها ويزا 6 مهينن جي لاءِ هوندي آهي ۽ هر سال 6 هين مهيني پيو اچي وڃي.

هاڻي اچو ته ڏسون سنڌي ڀائر انهن موقعن مان ڪيئن فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هڪ ته سڀ کان اڳ هر اهو ماڻهو جيڪو فائدو حاصل ڪرڻ گهري ٿو اهو پنهنجو پورٽ فوليو تيار رکي مطلب ته

تفصيلي CV، تعليمي توڙي ٽيڪنيڪل ڊگريون، پاسپورٽ، پوليس رپورٽ (DBS Check)، بينڪ اسٽيٽمينٽ  – 100 ڏينهن لاءِ 1290 پائونڊ.

جڏهن ته مزدور اهي ڊگريون ڇڏي باقي ڪاغذ مهيا ڪندو. هر خواهشمند وٽ سرٽيفڪيٽ هجڻ لازم آهن. جيڪڏهن ڪو پلمبر يا اليڪٽريشن آهي ته هن وٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج يا ڪنهن اهڙي اداري جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي. توهان جي سي وي ۾ ڪم جو تجربو لکيل هجڻ اهم آهي. ڪو ڪڙمي يا هاري آهي ۽ هو سيزنل ورڪر جي لاءِ اچي ٿو ته هن وٽ ڪنهن ذرعي اداري مان سرٽيفڪيٽ هجڻ لازم آهي.

يوڪي جي اندر توهان جو آجر يا ويزا ڏيندڙ انهي ڳالهه تي ضرور غور ڪندو ته هي ماڻهو جيڪڏهن اچڻ چاهي ٿو ته هن وٽ ڪهڙي اهليت يا ڪم جو تجربو آهي.

هاڻي اچو ته شاگردن جي ويزا Tier 4 کي ڏسون. يوڪي جي ۾ 2012 کان پهريان هر شاگرد جڏهن هتي پڙهڻ ايندو هو ته هن کي پنهنجي پڙهائي پوري ٿيڻ کانپوءِ 2 سال جو ويزا ملندو هو. ان ويزا کي پوسٽ اسٽڊي ورڪ چئبو هو. اهو ويزا يوڪي ۾ ڪنزرويٽو حڪومت اچڻ سان ختم ٿيو. جنهن کانپوءِ پرڏيهي شاگرد پنهنجي پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ واپس هليا ويندا هئا. يوڪي جي يورپي يونين مان نڪرڻ ۽ يوڪي يونيورسٽين ۽ تعليمي سرشتي جي ڪارڪردگي ۾ تمام گهڻي گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي يو ڪي هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽ اسٽڊي ورڪ جي پاليسي کي متعارف پيو ڪري. هاڻي 2021 کان وٺي هر پرڏيهي شاگرد پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هتي PSW ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهندو. هي هر ان قابل شاگرد لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي جيڪو پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري يوڪي ۾ ڪم جي تجربي جي سهولت مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هوندو. جڏهن ته سندس 2 سال جي  PSW ويزا  ختم ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن ان هونهار شاگرد وٽ برطانيا جي ڪنهن به آجر  وٽان جاب آفر هوندي ته هو پنهنجي ويزا کي وڌرائي جي اهل ٿي ويندو ۽ اهو PSW مان Tier 2 ويزا تي منتقل ٿي ويندو. مطلب ته هر قابل شاگرد لاءِ اهو هڪ انمول موقعو هوندو ته هو برطانيا ۾ سيٽلمينٽ ۽ مستقل رهائش وٺي سگهندو. اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ برطانيا جون گهرجون آسان آهن. هر خواهشمند شاگرد کي هيٺيون شيون مهيا ڪرڻيون پونديون:

ڊگري سرٽيفڪيٽ، مارڪ شيٽس

اسٽيٽمينٽ آف پرپز  SOP. يعني هن جي اچڻ جو سبب، ڪورس جي تفصيل، ڪيريئر ۾ ڪهڙو فائدو ٿيندو ۽ اهو ڪورس ڪرڻ جو کيس خيال ڪيئن ۽ ڇو آيو وغيره وغيره تي ٻڌل سندس بيان. ٻه عدد Recommendation / Reference  ليٽرس. هي ٻه ليٽر شاگرد پنهنجي استادن کان وٺي سگهن ٿا. يا 1 ريفرنس پنهنجي استاد کان ۽ ٻيو پنهنجي آجر يا ڪنهن پروفيشنل کان به وٺي سگهن ٿا.

IELTS انگريزي جو سرٽيفڪيٽ، پاسپورٽ، يونيورسٽي جو ايڊميشن آفر ليٽر، بينڪ اسٽيٽمينٽ – 28 ڏينهن جي. بينڪ اسٽيٽمينٽ ۾ شاگرد کي ڪورس جي في ۽ رهڻ لاءِ پئسا ظاهر ڪرڻا پوندا.

اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته رهڻ جي لاءِ برطانيا اندر توهان کي وڌيڪ پئسا ڏيکارڻا پوندا. جي توهان لنڊن جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ايندا. ان جو مثال هيئن آهي ته جي شاگرد ڪراچي يا حيدرآباد جي بنسبت سکر ، خيرپور ۾ پڙهندو ته پئسا گهٽ خرچ ٿيندا. توهان وڌيڪ معلومات هن ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهو ٿا. www.gov.uk/apply-to-come-to-the-UK

خواهشمند ماڻهو برطانيا يونيورسٽي ۾ داخلا جي سلسلي يا ڪنهن به ويزا ڪيٽيگري ۾ رهنمائي جي لاءِ اسان سان به رابطو ڪري سگهن ٿا؛

بئريسٽر فرخ زمان کهڙو ۽ بئريسٽر امتياز گهمرو

9 جارج اسڪوائر گلاسگو يوڪي

[email protected]

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.