ڪورونا ويڪسين جي خريداري جي منظوري، هزاره برادري سان انصاف ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد( م ڊ ) وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ پوليس فائرنگ ۾ فوت ٿيل نوجوان اسامه ستي کي قتل ڪندڙ پوليس  اهلڪارن جي باري م چيو آهي ته اهڙا بي رحم پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن.وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شيخ رشيد احمد مچ مقتولن جي وارثن سان ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو. بابر اعواڻ اسامه ستي جي والدين جو موقف ڪابينا ۾ پيش ڪيو. ڪابينا مچ حملي ۽ اسامه ستي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو.وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا بي رحم ماڻهو پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن، حڪومت مچ حملي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.شيخ رشيد احمد بلوچستان ۾ ايف سي جي شهيد اهلڪارن، اسلام آباد ۾ فوت ٿيل اسامه ستي ۽ هزاره ڪميونٽي جي شهيدن جي لاءِ دعائون ڪرايون.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزير اعظم عمران خان کي ڪوئيٽا دوري تي رپورٽ ڏني جڏهن ته ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.هوڏانهن وفاقي ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پيپرا رولز کان ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم ملڪي معاملن تي غور سميت ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن ۽ تدارڪ لاءِ انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پيپرا رولز کان ڇوٽ ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي.ذريعن موجب ڪابينا فش پراسيسنگ پلانٽس جي رجسٽريشن بابت انسپيڪشن ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني، جڏهن ته ريلوي ۽ بچاءَ واري وزارت وچ ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت ۽ ادارن جي سڌارن لاءِ ڪميٽي جي 17 ڊسمبر جي فيصلن تي منظوري پوئتي ڪئي وئي.اجلاس پاڪستان ايڪسپو سينٽرز جي چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري سان گڏوگڏ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر جي فيصلن جي به منظوري ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.