لاڙڪاڻي ويجهو ڳورهاري عورت ڀيڻيوي هٿان قتل، جوابدار فرار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان 24 سالن جي ڳورهاري عورت کي ڀيڻيوي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، قتل بعد جوابدار فرار ٿي ويو، ڳورهاري عورت جو قتل ڪيس داخل، پوليس  جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.  ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمزو جتوئي ۾ جوابدار حافظ بشير جتوئي مبينا گهرو اڻبڻت تان ٽن مهينن جي ڳورهاري پنهنجي سالي 24 سالن جي سميران خاتون زال ميوو خان جتوئي کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران ڳورهاري عورت سميران زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي  ڇڏيو جنهن دوران مقتوله عورت جي لاش مٿان وارث عورتون ۽ مرد اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي مقتولا عورت جي مامي ايوب جتوئي صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار حافظ بشير جتوئي بيگناهه گوليون هڻي پنهنجي سالي سميران خاتون کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي جنهن گهرو اڻبڻت تان سميران کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن حد جي پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي مقتولا جي ڏير احمد علي پٽ گلبهار جتوئي جي فرياد تي گناهه نمبر 2021/02 قلم 302 تحت جوابدار بشير احمد جتوئي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار اسان جي گهر اچي سالي مقتولا سميرا کي چيو ته تنهنجي پيءُ کي مڱيندي سان شادي ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان تون پنهنجي پيءُ کي مڇرائي رهي آهين جنهن کان بعد جوابدار سميران مٿان پسٽل جو فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو مقتولا عورت سميرا زال ميوو خان جتوئي جي قتل جي ايف آءِ آر سندس جي ڏير جي فرياد تي داخل ڪرڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي جي آندو ويندو. ٻئي پاسي فريادي احمد جتوئي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سميران جي 6 سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ هي هوءَ پهرين ڀيري ٽن مهينن جي حمل سان هئي پر معصوم فرشتي جي هن دنيا ۾ اچڻ کان جوابدار بشير جتوئي ان فرشتي ۽ سندس امڙ کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو آھي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته جلد کان جلد جوابدار بشير کي گرفتار ڪري مقتولا سميران جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.