شهيد ڀٽو جي سالگرهه تقريب، بلاول ڀٽو ڪيڪ ڪاٽيو

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري جي شام وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلزپارٽي جي سرواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي  جي 93 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هڪ استقباليه جي ميزباني ڪئي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري بطور خاص مهمان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 93 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا.  ان موقعي تي ايم اين اي فريال ٽالپر، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني، سمورا صوبائي وزير، ايم پي ايز، صوبائي صلاحڪار، خاص مددگار ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا. ان موقعي تي چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن خاص طور تي وزيرن تي زور ڀريو ته اهي شهيد ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائيندي صوبي جي غريب عوام جي خدمت ڪن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلم دنيا جو عظيم اڳواڻ هو جيڪو مظلوم قومن ۽ عالمي محاذ تي گڏيل مسلم قومن جي آواز بڻيو ۽ ملڪ جي مظلوم عوام کي اجاڳر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو.  سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو ملڪ جي غريب عوام جي خدمت لاءِ پارٽي جي بنياد رکي هئي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خدمتن کي هميشه سٺن لفظن ۾ ياد ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.