ڪراچي ۾ پينوفقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پينوفقيرن جي روپ ۾ مافيا خلاف ڀرپور نموني ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، پهرين مرحلي ۾ پينو ٻاڙرن کي پڪڙي  ( پينو سيل ) ۾ رکي سندن ڊي اين اي ڪئي ويندي،  ان حوالي سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سوشل ويلفئر جي سيڪريٽري روشن شيخ، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي ڊي جي ڊاڪٽر عظيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ پرڏيهن جي لوڌ لٿل آهي جنهن ۾ افغاني، برمي ۽ بنگالي مهاجرن جو وڏو تعداد موجود آهي، جيڪي پينو فقيرن جي روپ هر هنڌ موجود آهن، اهي ساڳيا ماڻهو اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث آهن، سيڪريٽري سوشل ويلفئر روشن شيخ ٻڌايو ته ڪورنگي ۽ ملير ضلعن ۾ ٻارڙن لاءِ فيسلٽي سينٽر ۽ شيلٽر هوم موجود آهن.اجلاس ۾ وڌيڪ 9 سيل جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.