نئون پاڪستان نه نئون قبرستان ٺهي پيو: نديم يونس ستي

اسلام آباد ( م ڊ )اسلام آباد ۾پوليس فائرنگ ۾ قتل ڪيل نوجوان اساما ستي جي والد نديم يونس ستي  گهرو وزير شيخ رشيد تي  ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي نديم يونس ستي چيو ته هتي نئون پاڪستان نه نئون قبرستان ٺهي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ جو قتل پوليس جي غفلت سان نه ٿيو آهي، پوليس ڄاڻي واڻي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پوليس منهنجي پٽ جو پيڇو ڪري رهي هئي ته پوءِ  هن کي سامهون گوليون ڪنهن هنيون، هن چيو ته گهرو وزير شيخ رشيد هاءِ ڪورٽ جي جج کان معاملي جي جاچ جو واعدو ڪيو هو، هن چيو ته شيخ رشيد اسان جو مطالبو پورو نه ڪيو آهي، ان لاءِ اسان به هن جي انڪوائري کي تسليم نٿا ڪريون.

 ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي، 400 وارداتن ۾ ملوث جوابدارگرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي گوليمار واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري 4 ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت 400 کان  وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري جوابدار دانش عرف داني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار دانش 4 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث آهي،  جڏهن ته هو گوليمار واري علائقي ۾ واقع ماربل مارڪيٽ مان ڀتو وصول ڪندو هو، جوابدار جاچ دوران ڀتي خوري، منشيات فروشي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث هجڻ ۽ 400 کان وڌيڪ وارداتون ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته هن 7 ڊسمبر تي بهادر آباد واري علائقي ۾ بلڊر کان 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن، جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ منشيات هٿ آئي آهي.

 پيپلز پارٽي وارا مون کان ڊڄن ٿا: ارباب غلام رحيم

ڇور  ) ن ع آ (اڳوڻي وڏي وزير  ۽ پي ايس 52 تي جي ڊي اي اميدوار  ارباب غلام رحيم چونڊ ورڪ جي سلسلي ۾ ڇور ۾ مختلف  برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون،  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب رحيم چيو تـ پ پ وارا مون کان ڊڄن ٿا تـ  ارباب کٽي ويو ته اسيمبلي ۾ اسان کي تنگ ڪندو، هن چيو ته  18 تاريخ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ کٽي ڏيکارينداسين، منهنجي وڏ وزارت 3سالن پ پ جي 7 سالن دوران سنڌ ۾ ٿيل ترقياتي ڪم عوام سامهون آهن.هن وڌيڪ چيو ته پ پ وارا پي ڊي ايم کان الڳ ٿي ملڪي مفادن ۾ سھڪار ڪندا تـ اسان بـ ھرطرح جو تعاون ڪنداسين، اسان کي پنهنجي مفاد کان ملڪي مفاد وڌيڪ عزيز آهن.

سنڌ حڪومت ٻيٽ هڪ بلڊر کي وڪرو ڪيا هئا: حليم عادل شيخ

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾  ڪرپشن مافيا جي نيب زده حڪومت آهي. سنڌ جي سڀ کان وڏي بيماري آصف زرداري آهي، سنڌ جا ماڻهو تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. عوام جي عدم دلچسپي سبب پاپا، ڊي ڊي ۽ مولانا بچائو تحريڪ ختم ٿي وئي آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ حڪومت جا 60 سيڪڙو ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته 18هين ترميم ذريعي ڪيترائي ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ملن ٿا. سنڌ جي وزيرن کي ايترو پئسو آهي جو پئسن ڳڻڻ لاءِ مشينون لڳايون آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.