وزيراعظم جو بلوچستان نه وڃڻ مذمت جوڳو عمل آهي: نفيسا شاهه

ڪراچي ( م ڊ ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات واري سيڪريٽري نفيسا شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ پورهيتن جي قتل خلاف  ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي ۽ مطالبي باوجود وزيراعظم جو بلوچستان نه وڃڻ مذمت جوڳو عمل آهي. جاري ڪيل بيان ۾ نفيسا شاهه چيو ته نااهل ۽ بيوس شيخ رشيد کي بلوچستان موڪلڻ کل جوڳو عمل آهي، عمران خان کي ان ڏينهن بلوچستان وڃي مقتولن جي وارثن سان ملڻ گهرجي ها.

ايران پاران ڏکڻ ڪوريائي جهاز يرغمال بڻائڻ جي ترديد

تهران (م ڊ) ايران اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ان طرفان ڏکڻ ڪوريائي سامونڊي جهاز ۽ ان جي عملي کي يرغمال بڻايو ويو آهي. ايراني اختيارين چيو آهي ته نه اسان ڪنهن ڏکڻ ڪوريائي سامونڊي جهاز کي قبضي ۾ وٺي ان کي استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ نه ان جي عملي کي يرغمال بڻايو آهي. واضح رهي ته ايران ڏکڻ ڪوريا جي ان آئل ٽئنڪر کي سومر ڏينهن آبنائي هرمز جي علائقي مان پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو. ان ڏس ۾ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل ٽئنڪر کي ماحولياتي سببن جي بنياد تي قبضي ۾ ورتو ويو هو.03

وزير اهڙي ٻولي ڳالهائن ٿا،جيڪي غنڊا به نٿا ڳالهائن: مصدق ملڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مصدق ملڪ پي ٽي  آءِ حڪومت کي تنقيد جو نشانو ٺاهيندي چيو آهي ته حڪومت طرفان اهڙي ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪا گهٽي جا غنڊا به استعمال ناهن ڪندا.سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، حمزه کي جيل ۾ وڌو ويو، مريم نواز، شاهد خاقان سميت ٻين کي به جيلن ۾ وڌو ويو، اسان سڀني کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو پر مهانگائي ۽ غريبن جي ته ڳالهه ڪيو.ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته بي آر ٽي، مالم جبا ڪيسن ۾ خاموشي ۽ جيڪو آواز اٿاري ان کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي هڪ ئي ڳالهه کي توهان ڪيو ته وفادار اسان ڪيون ته غدار. پارليامينٽ جي عزت ۽ اعتماد نه رهيو، رڳو ذليل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو. سندس چوڻ هو ته حڪومتي رويي جي ڪري ادارن تي باقي رهيل اعتماد به وڃائجي ويو.هن وڌيڪ چيو ته 2020ع ۾ اسان انساني حرمت ۽ وقار وڃايو، 8 گوليون هڻي اسلام آباد جي ٻار کي شهيد ڪيو ويو، 30 ارب جي ميٽرو ڪرپشن پر 100 ارب جي بي آر ٽي شفافيت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.