ڪراچي( م ڊ) ايم ڪيو ايم بلاول جي خطاب تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پ پ ۽ بلاول اسان جي سمجهه کان ٻاهر ناهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبزواري چيو ته 13 سالن ۾ پ پ ڪراچي کي نه بسون ڏنيون نه ڊرينيج نظام ڏنو. هن چيو ته پ پ 13 ورهين دوران ڪئي ترقياتي فنڊ کائي ڇڏيا آهن. پ پ 13 ورهين ۾ ٽي پاڻي جا ڦڙا به شهر کي نه ڏنا. پ پ الزام هڻڻ کان اڳ اسان جي سوالن جا جواب ڏئي. 03