حڪومت جنرل گريسي جي پاليسي تي هلي رهي آهي: سراج الحق

لاهور ( پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته موجوده حڪومت جنرل گريسي جي پاليسي تي هلي رهي  آهي. ڪشمير تي ڪڏهن ، ڇو ۽ ڪيئن سودي بازي ٿي حڪمران قوم کي جواب ڏين. گلگت بلتستان کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي لاءِ ڪشميري قيادت کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي حڪمران ڀارتي اقدامات تي خاموش جڏهن اپوزيشن جي خلاف ڏينهن رات لفظن جي بمباري ڪري رهي آهي. سينيٽ جي اليڪشن بابت جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي پارليامينٽ جي فورم تان ٿيڻ گهرجي. سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن. اليڪشن ريفامرز ٿين ته حقيقي قيادت اڳيان ايندي ۽ ملڪ ترقي ڪندو انهن خيالن جو اظهار ان سينيٽ جي اجلاس ۾ خطاب ۽ يوم حق خوداراديت ڪشمير جي موقعي تي مختلف وفدن سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.