اپوزيشن ڪشميرين ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (  م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي ڪشميرين جي تڪليف جو احساس آهي، ڪشمير مسئلي تي سڄي  قوم جو موقف هڪ ئي آهي، سياسي قيادت کي ڪشمير مسئلي تي هٿ ملائڻ جي دعوت ٿا ڏيون.سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ ڪشميرين کي گڏيل پيغام وڃڻ گهرجي، اسان کي احساس آهي ته اهي تڪليف ۾ گذاري رهيا آهن، ڀارت جي ظلم باوجود ڪشميرين جا حوصلا بلند آهن.هن چيو ڪشميرين کي پيغام وڃڻ گهرجي ته حقن جي تحريڪ ۾ اسان انهن جو حصو آهيون، پاڪستان جو هر شهري ڪشميرين جي وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو.سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جا ڪجهه ميمبر پنهنجي جذبن سان ڪشميرين ۾ مايوسي پکيڙيندا آهن، سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي دڪان چمڪائيندا آهن، اتفاق راءِ قائم رکڻ لاءِ سڀني اڳواڻن کي گذارش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.