ڪراچي ۾ ڀاڄين سميت هر شيءِ مهانگي، انتظاميه غائب

ڪراچي (  م ڊ ) سبزي منڊي ۾ ڀاڄين جا اگهه سيزن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويا پر سنڌ حڪومت ۽ ڪمشنر ڪراچي جي غفلت جي ڪري  شهر اندر ڀاڄين جا اگهه جيئن جو تيئن آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن.کير، ڪڪڙ جي گوشت ۽ ڪرياني جي جيان ڀاڄينن جي سرڪاري پرائس لسٽ به غير موثر ٿي چڪي آهي جنهن تي شهرين سستي ڀاڄين جي لاءِ سبزي منڊي ڏانهن وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.سبزي منڊي مارڪيٽ ڪميٽي موجب سبزي منڊي ۾ پٽاٽا ۽ بصر 25 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن جڏهن ته شهر ۾ بصر جي قيمت 40 کان 50 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن.سبزي منڊي ۾ ٽماٽا25 رپيا پر شهر ۾ 100 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، کيرا منڊي ۾ 25 شهر ۾ 60 رپيا ڪلو، گجرن جو ڀرپور فصل لهڻ کان پوءِ قيمت 30 رپيا ڪلو تي اچي وئي پر شهر ۾ گجر 50 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.سنڌ ۾ مٽر منڊي ۾ 65 پنجاب جي منڊي ۾ 55 رپيا وڪرو ڪيا ويا پر شهر ۾ مٽر 100 رپيا ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن، ساوا مرچ منڊي ۾ 40 رپيا ۽ شهر ۾ 200 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن.منڊي اندر 14 رپين ۾ في وڪرو ٿيندڙ پالڪ شهر ۾ 40 رپين ۾ وڪرو پئ يٿي، منڊي ۾ بند گوبي 24 ۽ ڦهول گوبي 35 رپيا وڪرو پئي ٿئي، منڊي ۾ واڳڻ 28 رپيا ڪلو ۽ اڇون گجرون 25 رپيا ڪلو وڪرو پيون ٿين، اهڙي ريت منڊي ۾ ٽنڊا 40 رپيا شهر ۾ 80 رپيا پيا وڪامجن. منڊي اندر 15 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ ڀٽو (مڪئي) شهر ۾ 40 رپيا في ڪلو، ادرڪ 320 رپيا منڊي ۾ ۽ شهر اندر 450 تائين في وڪلو وڪرو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.