ڊاڪٽر ماها ڪيس: جوابدار ڊي اين اي کان لنوائي ويا

ڪراچي ( رپورٽر) ڊاڪٽر ماها ڪيس ۾ 3 جوابدار ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ کان لنوائڻ لڳا، مقامي عدالت ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت  ۾اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي ، عدالت جاچ آفيسر کي حتمي چالان پيش ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي ، 5 ڏينهن اندر حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته جوابدار جُنيد ۽ وقاص کي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ چار ڀيرا نوٽيس اُماڻيا، جوابدار ناصر صديقي کي هڪ نوٽيس اُماڻيو ويو، ٽئي جوابدار نوٽيس جي  باوجود عدالتن ۾ پيش نٿا ٿين، جوابدارن جو ڊي اين اي ڪرائڻ بعد حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.