دعا منگي اغوا ڪيس ۾ جوابدار پاران ضمانت درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا منگي اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار فياض سولنگي ضمانت لاءِ رابطو ڪري ورتوآهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ  پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر کي ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي، ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته دعا منگي، بِسما ۽ ٻين جي اغوا واقعن ۾ جوابدار فياض سولنگي ملوث آهي، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار جو نالو شامل نه هو، بعد ۾ کيس جوابدار نامزد ڪيو ويو، فياض سولنگي هن وقت جيل ۾ آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان به دليل طلب ڪري ورتا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.