سيد جي سالگرهه جون تياريون، اهم سياستدان شريڪ ٿيندا

گلشن اقبال( ن ع آ)  ايس يو پي پاران جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرھ جون تياريون شروع، سالگره  واري رات سن ۾ مشعل بردار ريلي نڪرندي، 17 جنوري تي عظيم الشان جلسو ٿيندو. ايس يو پي پاران دعوتون ڏيڻ جو سلسلو شروع. پارٽي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران 17 جنوري تي منجهند جو 12 وڳي سن ۾ سالگره گرائونڊ تي عظيم الشان جلسو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي سميت ملڪ  جا قومپرست، جمهوريت پسند اڳواڻ ۽ دانشور سائين جي ايم سيد جي شخصيت، فڪر ۽ ڪردار تي روشني وجهندا. جڏهن ته جلسي کان اڳ سالگرھ واري رات روايت موجب سن شهر ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو ويندو. پڌرائي موجب پارٽي پاران جلسي جون تيارين سان گڏ سياسي اڳواڻن توڙي دانشورن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.