پي آءِ اي جي هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل ڪرڻ جي ترديد

ڪراچي ( م ڊ ) قومي ايئر لائن وضاحت ڏيندي چيو آهي ته هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل نه پئي ٿئي.پي آءِ اي انتظاميا طرفان اسٽاڪ  ايڪسچينج کي کليل وضاحتي خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل نه پئي ٿئي، مالي ڏکيائيون آهن، قومي ايئر لائن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڌارن جي عمل تحت اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن، فيصلن بابت اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪندا رهنداسين ۽ سڀني قانونن جي پاسداري ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.