برطانوي حڪومت جو ملڪ ۾ ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو اعلان

لنڊن (  م ڊ ) برطانوي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نئين انفيڪشنز جي رڪارڊ انگ سبب ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو اعلان  ڪري ڇڏيو.نين پابندين تحت انگلينڊ ۾ عام شهرين کي رڳو ايمرجنسي جي صورت ۾ گهران نڪرڻ جي اجازت هوندي.برطانوي وزيراعظم بورس جانسن موجب اهو لاڪ ڊائون ان ڪري اڻٽر ٿي ويو هو ته ڪورونا وائرس جي ميوٽيشن کانپوءِ تبديل ٿيندڙ قسم عام شهرين کي وڏي انگ ۾ متاثر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.نين پابندين دوران برطانيا ۾ سمورا اسڪول پڻ بند رهندا.

پي آءِ اي جو نئون رڪارڊ، جهاز هڪ مسافر کي اسلام آباد پهتو

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) پنهنجي خاص اڏام ذريعي هڪ مسافر کي مانچسٽر کان اسلام آباد  پهچائي منفرد رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي خاص چارٽر فلائٽ پي ڪي 9702 ذريعي رڳو هڪ مسافر برطانيا کان پاڪستان پهتو.ان حوالي سان پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان سفري پابندين سبب برطانيا جي شهر مانچسٽر کان اسلام آباد ايندڙ اڏام ۾ رڳو هڪ مسافر کي وطن واپس آڻڻ جي اجازت ملي هئي.سي اي اي عبدالرزاق چوڌري کي ڪورونا وائرس جي لازمي ٽيسٽ تحت اجازت ڏني هئي، جنهن جو واسطو پنجاب جي شهر گجرات سان آهي.ترجمان موجب مانچسٽر کان اسلام آباد پهچندڙ جهاز ۾ 371 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر جهاز جو قومي ايئر لائن جي فضائي ٻيڙي سان ڪو واسطو ناهي، هاءِ فلاءِ جو چارٽر جهاز فيري فلائٽ طور پاڪستان لاءِ پلان هو.هن ٻڌايو ته جهاز ۾ سوار مسافر کي پاڪستاني حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي موٽڻ جي اجازت ڏني، هو ميت سان گڏ پاڪستان پهتو.

پيپلزپارٽي اڳواڻ منظور وساڻ ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو، آئسوليٽ

ڪراچي( م ڊ ) پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير منظور به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پيو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ طبيعت ناساز ٿيڻ تي پنهنجي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي، جنهن جو نتيجو مثبت اچي ويو آهي، ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو مثبت اچڻ پ پ اڳواڻ پاڻ کي گهر ۾ ئي آئسوليٽ ڪري ورتو آهي.اڳوڻي گهرو وزير منظور وساڻ پي ايس 88 ملير مان نامزدگي جا ڪاغذ به جمع ڪرائي رکيا آهن، ڄاڻايل سيٽ تي ايندڙ مهيني 16 فيبروري تي ننڍي چونڊ ٿيندي.

ڪراچي جي سمورن ٿاڻن اندر ڪينٽين شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي جي سمورن ٿاڻن اندر ڪينٽين ٺاهڻ جو فيصلو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ بوٽ بيسن ٿاڻي تي ٺاهيل نئين ڪينٽين جو افتتاح ڪيو، ڪراچي جي 25 مختلف ٿاڻن اندر ڪينٽن ٺاهيون وينديون، ان حوالي سان گذريل ڏينهن ايڊيشنل آءِ جي غلا نبي ميڻ بوٽ بيسن ٿاڻي اندر پوليس اهلڪارن جي سهولت لاءِ جوڙيل ڪينٽن جو افتتاح پڻ ڪيو،

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس پي ٽي آءِ جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو: عظميٰ بخاري

لاهور ( م ڊ )  ن ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو. فردوس عاشق اعواڻ جي بيان تي رد عمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته استعيفائن جو ٻڌي حڪومت جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن، پي ڊي ايم لانگ مارچ به ڪندي، فردوس عاشق جو ”لونگ“ به ڳولهيندي. عظميٰ بخاري چيو ته راجڪماري مريم نواز ئي ڊٻي پارٽي کي ڊٻي ۾ بند ڪندي.

خواجه آصف جي 48 بينڪ اڪائونٽن جو پتو لڳائڻ جي دعويٰ

لاهور  ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو نيب ن ليگ جي گرفتار اڳواڻ خواجه آصف جي 48 بينڪ اڪائونٽن جو پتو لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. نجي ٽي وي نيب ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ انڪوائري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيب ذريعن موجب خواجه آصف جي 48 بينڪ اڪائونٽن ۾ هڪ ارب 45 ڪروڙ رپين جي وڏي رقم جمع ٿي آهي، سندس ڪٽنب جي ميمبرن جي اڪائونٽس ۾ 22 لک 30 لک جي رقم آهي. خواجه آصف جي وڪيل موجب سندس اصيل جيڪو ڪمايو، ان تي ٽيڪس ڏنو، سندس سڀ ڪجهه ڊڪليئرڊ ۽ رڪارڊ تي موجود آهي.

خسرو بختيار ۽  هاشم جوان بخت خلاف اثاثا ڪيس ٻڌڻ نه جوڳو قرار

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ صوبائي وزير هاشم جوان بخت خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.  اليڪشن ڪميشن خسرو بختيار ۽ هاشم جوان بخت خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار احسن عابد اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، ٻنهي خلاف نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪي جي جاچ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.