ڪوئيٽا ۾ لاش رکي ڌرڻو جاري، ”وزير اعظم اچو“ جا نعرا

ڪوئيٽا ( م ڊ ) مچ ۾قتل ڪيل هزاره برادري جي  11 ڄڻن جا لاش رکي هنيل ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، ڪوئيٽا ۾ لڳل ڌرڻي واري هنڌ بلوچستان جي گهرو وزير مير ضيا لانگو پهچي ڳالهيون ڪيون،پر ڌرڻو هڻي ويٺل  ماڻهن چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪوئٽا اچي ۽ساڻن ملاقات ڪري، اولهه باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن وزير اعظم جي اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ ان کان اڳ شيخ رشيد کي به موٽائي ڇڏيو هو. واضح رهي ته  ڌرڻو هڻي ويٺلن جي مطالبن ۾ صوبائي حڪومت جي برطرفي جو مطالبو به شامل آهي. ڌرڻو هڻي ويٺلن جي اڳواڻ  آغا سيد محمد رضا چيو ته اسان جو 22 سالن کان مطالبو آهي ته اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.