دهشتگردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي شڪست ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي شڪست ڏينداسين. قومي ادارن جي سمورن  عنصرن کي درپيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب آرمي چيف جي صدارت هيٺ  238هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس (جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿي جنهن ۾ علائقائي، ملڪي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته سرحدن جي صورتحال، اندرين سيڪيورٽي، پيشيوراڻي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪندي شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي يوم حق خوداراديت جي مڪمل حمايت جو عزم ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهش جي موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته هر سطح تي بهترين صلاحيتن جي ڪري سمورن چيلنجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، قومي ادارن جي سمورن عنصرن کي پيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.