مندر واقعو، آءِ جي ڪي پي فضل الرحمان بابت بيان تان ڦري ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي ڪي پي مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان سپريم ڪورٽ  ۾ ڏنل بيان تان ڦري ويو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪرڪ جي تاريخي مندر کي مسمار ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران آءِ جي ثناءُ الله عباسي چيو ته واقعي واري هنڌ وٽ جي يو پي جو اجتماع جاري هو، مولانا فضل الرحمان اُنهي اجتماع کي اسپانسر ڪيو، عدالت ٻاهران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي آءِ جي ڪي پي چيو ته مون مولانا فيض الله چوڻ پئي چاهيو، زبان تان مولانا فضل الرحمان جو نالو نڪري ويو.

حڪومت نٿي چاهي ته نواز شريف واپس اچي: احسن اقبال

اسلام آباد ( م ڊ )   مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت چاهي ٿي ته  نوازشريف لنڊن مان واپس نه اچي.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت پهريان نوازشريف کي  وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ پوءِ ڊرامو ڪيو. هن چيو ته وزيرن کي سڀني کان وڌيڪ جلدي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جي آهي.  هي نٿا چاهين ته اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي ملڪ واپس اچي.احسن اقبال چيو ته  نيب لنڊن ۾ ڪيس هارائي وئي آهي. نوازشريف جي اثاثن جي جانچ پڙتال  دوران 4 ارب روپيه ٻڏي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.