نواز شريف جو تختو اونڌو ڪندڙ مهرا وائکا ٿي رهيا آهن: مريم نواز

لاهور  (م ڊ ) نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، اُن سازش جو هڪ هڪ مهرو سامهون اچي رهيو آهي،  نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته براڊ شيٽ ڪمپني کي نواز شريف خلاف ڪيسز ڳولڻ لاءِ 2 ڪروڙ 87 لک ڊالرز ادا ڪيا ويا، تنهن هوندي به نواز شريف کي نااهل ڪرڻ لاءِ اقامي ۽ سزا لاءِ جج ارشد ملڪ جو سهارو وٺڻو پيو، ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ڪيس جي به حقيقت سامهون اچي وئي، خدائي دعوائون ڪندڙ وساري ويهندا آهن ته ڪائناب جو نظام الله تعاليٰ هلائيندو آهي، سازشين جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.