مافيا هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم، کنڊ جو في ڪلو ٻيهر سينچري تي پهچي ويو

ڪراچي( م ڊ )  ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڪجهه ڏينهن گهٽ ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر سينچري تي پهچي وئي، اڪثر شهرن ۾ کنڊ في ڪلو 85 کان 85 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي. ڪراچي، ملتان ۽ فيصل ۾ کنڊ 100 رپيا  ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر پاران پهرين جنوري تي جاري ڪيل ايس آر او کنڊ جي ذخيره اندوزي  بليڪ مارڪيٽنگ جو سبب بڻجي رهيو آهي. ڪراچي ۾ هول سيل بازار ۾ کنڊ جي قيمت 83 رپيا آهي ۽ شهر ۾ ٻن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت 5 رپيا في ڪلو وڌي  آهي، جنهن بعد 100 ڪلو کنڊ جي ٻوري 8300 رپيا ٿي وئي آهي. ٻي طرف ڪوئيٽا ۾ به کنڊ جي قيمت ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي، کنڊ جي في ڪلو جي قيمت 80 رپين مان وڌي 100 رپيا ٿي چڪي آهي. لاهور ۾ به کنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگي  ٿي 90 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. شوگر ڊيلرز جو چوڻ آهي ته ڪجهه قوتون کنڊ جي قيمتن ۾ٻيهر واڌ ڪري رهيون آهن، حڪومت انهن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.