ڪڍڻ (رپورٽر) علي بندر مين روڊ تي ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم ھٿيار بند گوليون ھڻي پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. علي بندر مين روڊ تي ڏينھن ڏٺي جو نامعلوم ھٿيار بندن فائرنگ ڪري 45 ورھين جي جاويد پٽ لياقت علي بروھي ۽ سندس پٽ 18 ورھين جي تنوير احمد بروھي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي خبر پوندي ئي ڊي ايس پي بدين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري پھچي وئي، پوليس موجب قتل ٿيل پيءُ ۽ پٽ ڪوئيٽا جي علائقي ڊاھي خان چوڪ جا رھواسي ھئا. جيڪي ھڪ مھيني کان ڳوٺ بجار خان بروھي سينگاري ۾ ترسيل ھئا.