ٿر ۾ موت جا لامار جاري، وڌيڪ ٽن ٻارن دم ڏئي ڇڏيو

مٺي (بيوروچيف )مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن،جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني  فوتي ٻارن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آھي،جڏھن ته گذريل سال فوت ٿيل ٻارن جو انگ ڪل 776 هو. مٺي سول اسپتال ۾ تازو فوت ٿيل ٻارن ۾ 3 مهينن جو نريش ولد گينو ڪولهي،2 مهينن جو روحيل ولد آتم ميگهواڙ ۽ قلندر جو تازو ڄاول ٻارڙو شامل آھن،جڏھن ته مٺي سول اسپتال ۾ 50 کان به وڌيڪ ٻارڙا زير علاج آھن.،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.