ڪورنگي ۾ سرڪاري زمين الاٽمينٽ ريفرنس ۾ پلي بارگين درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن شوڪت اسحاق ۽  اعظم پلي بارگين لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتوآهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  شوڪت اسحاق ۽ اعظم جي پلي بارگين واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،  نيب پراسيڪيوٽر پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته جوابدارن مختيارڪار سان ملي ڀڳت ڪري ڪورنگي ۾ 56 ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي، جوابدارن خلاف ريفرنس به داخل ٿي چڪو آهي، عدالت درخواستگذارن  جي وڪيل کان 18 جنوري تي دليل طلب ڪري ورتاآهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.