ملير جي زمين الاٽمينٽ ڪيس، ضمانت درخواست تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ملير جي  59 ايڪڙ زمين غيرقانوني الاٽ  ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي سي ملير قاصي جان محمد سميت ٻين جي ضمانت واري درخواست تي ڌرين کان 4 فيبروري تائين دليل گهري ورتا آهن. عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر شهباز سوهترا چيو آهي ته روپوش جوابدار شاذر شمعون جي ملي ڀگت سان زمين غير قانوني الاٽ ڪئي وئي، جوابدارن ۾ اڳوڻو ڊي سي ملير قاصي جان محمد ۽غلام مصطفي ڦل شامل آهن،  جوابدارن قومي ناڻي کي ڪروڙن جو نقصان پچايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.