ڪراچي پوليس تي جڙتو مقابلي ۾ نوجوان مارڻ جو الزام

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس وڌيڪ هڪ نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو ، وارثن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو، ٻن اهلڪارن تي ڪيس داخل، 2 ڏينهن اڳ سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ گلگت واسي نوجوان سلطان نذير کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، سلطان نذير جي وارثن مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏئي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. نوجوان جي وارثن موجب سلطان نذير هڪ مائٽ جي فوتگي تي ويو هو، واپسي تي هن آن لائن بائيڪا بڪ ڪرائي هئي، رستي ۾ بائيڪ جو پيٽرول ختم ٿي ويو، بائيڪا رائيڊر ۽ سلطان نذير موٽرسائيڪل سميت پيادل پيٽرول پمپ طرف وڃي رهيا هئا ته فائرنگ ٿي. وارثن موجب پوليس فائرنگ ۾ سلطان نذير مارجي ويو، هو ڦورو نه هو ۽ نه ئي ڏوهارين سان سندن واسطو هو، پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ کيس قتل ڪيو، لاش وٺڻ ٿاڻي وياسين ته اتي به ڏوهارين وارو رويو اختيار ڪيو ويو. ٿاڻي آڏو ڌرڻي بعد ايس ايس پي نوٽيس ورتو. ايس ايس پي ڪياماڙي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جڏهن ته رات دير سان سلطان نذير جي سوٽ جي فرياد تي اهلڪار شبير احمد ۽ جهانگير خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.