شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93هين سالگره ، مختلف شهرن ۾ تقريبون ،ڪيڪ ڪاٽيا ويا

پاڪستان کي نئون آئين ڏيندڙ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  جي اڄ 93هين سالگره ملهائي پئي وڃي ، پيپلز پارٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويا ، سانگهڙ جي چانڊيو هائوس  ۾ پيپلز يوٿ  آرگنائزيشن جي صدر عدنان نظاماڻي، جنرل سيڪٽري اويس چانڊيو،  انفارميشن سيڪريٽري نعمان راجپوت ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، قمبر ۾ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو عرفان گوپانگ محمد جان بروھي زاھد بروھي منظور بروھي بشير کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو پاران  10 پائونڊن جو ڪيڪ  ڪاٽيو ويو ، ٽنڊوالھيار  ۾ ايم اين اي ذولفقار ستار بچاڻي ، مولابخش ٿيٻو ، رمضان مري ۽ ٻين پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، دوڙ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه جي موقعي تي جلسو ڪوٺايو ويو  جنهن ۾  ۾ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ فيروزا  لاشاري، رحيم بخش کوسو، منظور جلباڻي،نذير چانڊيو، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،آخر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.گهوٽڪي ۾ پيپلزپارٽي پاران اطلاعات آفيس ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره ملهائي وئي جنهن ۾ پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ , اطلاعات سيڪريٽري عبدالمجيد لاکو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ پڻ گڏجي ڪاٽيو  ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي لفظن جي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.