سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ انتظامي بلاڪ اڳيان ٻئي ڏينهن به سيوا جي سڏ تي محمد علي گهانگهرو , ذولفقار علي رستماڻي , احمد علي ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظآهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود به ملازمن جا رهيل مسئلا، سالياني انڪريمينٽ، وردي الائونس،حڪومت پاران 10 سيڪڙو وڌايل پگهار ۽ سينڊيڪٽ ۾ مختلف ڪيڊرس جي پروموشنز سميت ٻيا مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن جنهن ڪري ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن ، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو .