ناليواري ڊيل ڪمپني پنهنجا نوان ليپ ٽاپ متعارف ڪرائي ڇڏيا

دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي جي نمائش سي اي ايس ايندڙ هفتي کان شروع ٿيڻ واري آهي جيڪا پهريون ڀيرو آن لائن ايونٽ طور هوندي.

هن ايونٽ کان اڳ ناليواري ڪمپني ڊيل پنهنجا نوان ليپ ٽاپس متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن کي لاٽاٽيوڊ 9420 ۽ 9520 جو نالو ڏنو ويو آهي.

انهن نون ليپ ٽاپس ۾ انٽيل جي نئين 11 جنريشن وي پرو چپ ڏني وئي آهي جڏهن ته ڪجهه نوان فيچر جهڙوڪ آٽوميٽڊ، آٽوميٽڪ ويب ڪيم شٽر ذڪر جوڳا آهن.

هي پاڻمرادو ويب ڪيم شٽر ان وقت ڪيمرا کي بلاڪ ڪندو جڏهن صارف ان کي استعمال نه ڪري رهيو هوندو.

ڪمپني ان کي سيف شٽر جو نالو ڏنو آهي جيڪو  هڪ نئون آپشنل ويب ڪيم سسٽم هوندو، جنهن کي 2020ع ۾ ويڊيو ڪانفرنسنگ جي استعمال جي شرح واڌ کي ڏسندي ليپ ٽاپس جو حصو بڻايو ويو آهي.

هي ويب ڪيم شٽر پاڻمرادي انداز سان ويب ڪيم جي استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي حرڪت ۾ ايندو آهي، جڏهن ته صارف پاڻ به مائيڪرو فون يا ڪيمرا کي ضرورت پوڻ تي ميوٽ ڪري سگهن ٿا.

ڪمپني موجب جن صارفن کي ويب ڪيم جي حوالي سان سيڪيورٽي خدشا هوندا آهن، انهن جي لاءِ هي فيچر مددگار هوندو.

لاٽاٽيوڊ 9420 انٽيل ڪور آئي 7 ماڊل آهي جنهن ۾ انٽيل جي نئين چپ موجود آهي.

14 انچ جي ليپ ٽاپ  ۾ 32 جي بي ريم تائين ريم ۽ هڪ ٽي بي تائين اسٽوريج جا آپشن هوندا.

هي ليپ ٽاپ فور جي ايل ٽي اي يا 5 ڪي تي به ڪم ڪري سگهندو، جنهن مقصد لاءِ ڊيوائس ۾ اسنيپ ڊراگون ايڪس 20 يا ايڪس 55 موڊيز ڏنا ويندا.

ٻئي لاٽاٽيوڊ 9520 ليپ ٽاپ جو ڊسپلي 15.6 انچن جو آهي، جنهن جا باقي فيچر پهرين واري ماڊل جهڙا آهن.

لاٽاٽيوڊ 9520 جي قيمت 1949 ڊالر کان شروع ٿيندي جڏهن ته 9520 جي قميت جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.

هي ٻئي ڊيوائس بهار جي موسم ۾ صارف کي موجود هوندا.

ڊيل طرفان لاٽاٽيوڊ 7000 ۽ 5000 سيريز کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي.

7000 سيريز جو نئون ماڊل لاٽاٽيوڊ 7520 به پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 15.6 انچن جو ڊسپلي ڏنو ويو آهي.

گڏيل طور ان سيريز جا 3 ليپ ٽاپس 7520، 7420 ۽ 7320 پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ انٽيل جي 11 جنريشن وي پرو چپ ڏني وئي آهي، جڏهن ته 32 جي بي ريم موجود آهي.

ڪمپني موجب ڪيمرا ۽ آڊيو جو معيار به بهتر ڪيو ويو آهي.

پر هن سيريز جي ليپ ٽاپس ۾ 5 جي بي سپورٽ موجود ناه يپر ايل ٽي اي تي ڪم ڪري ٿو.

5000 سيريز جا به 3 ماڊلز پيش ڪيا ويا آهن جن کي 5320، 5420 ۽ 5520 جا نالا ڏنا ويا آهن.

انهن ۾ به 11 جنريشن وي پرو چپس موجود آهن.

لاٽاٽيوڊ 5000 سيريز جا ليپ ٽاپ 12 جنوري کان موجود هوندا جڏهن ته لاٽاٽيوڊ 7000 سيريز جي ڊيوائس مارچ جي آخر ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن جي قيمت 999 ڊالر کان شروع ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.