ميرپور ساڪرو: مچ واقعي خلاف مجلس وحدت المسلمين پاران احتجاجي ريلي

ميرپور ساڪري ۾ مچ  واقعي خلاف مجلس وحدت المسلمين پاران  امام بارگاه کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو ، ان  موقعي تي اڳواڻن  عرض محمد جعفري، راجا شاه ، مقبول گريزدي ڌڻي بخش لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو اته مچ  واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هنن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکايل خاندانن وٽ وڃڻ لا ءِ تيار ناهي،  سرڪار جي نااھلي جي ڪري ھر روز  اھڙا واقعا ٿي رھيا آهن ، ملڪ ۾  امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي وڃي ، ھنن مطالبو ڪيو ته مچ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي  ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.