شهيد ڀٽو ريفرنس ڪيس جو فيصلو ڪنهن دٻاءُ تحت نه پيو ڏنو وڃي: نثار کهڙو

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته آئين ٽوڙڻ وارن سان گڏ چونڊن ۾ ووٽ چوري ڪرڻ وارا به ملڪ جا غدار آهن،  انهن تي به آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل قرار ڏيڻ بابت ريفرنس تي فيصلي جي اڃان تائين منتظر آهي ، ائين لڳي رهيو آهي ته شهيد ڀٽو ريفرنس ڪيس جو فيصلو ڪنهن دٻاءُ جي نتيجي ۾ نه ٿو ٻڌايو وڃي، هن چيو ته هو  سپريم ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪن ته شهيد ڀٽو جي ڦاسيءَ جو فيصلو عدالتي قتل قرار ڏنو وڃي، آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ثار کهڙو چيو ته ان وقت جي جسٽس نسيم حسن شاهه اِهو اعتراف ڪيو هو ته شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو زبردستي ورتو ويو هو،  ان ڪري سندس اعترافي ڳالهه کان پوءِ عدالت کي شهيد ڀٽو جي ڦاسي جي فيصلي کي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ صدر آصف علي زرداريءَ طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت داخل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڏئي تاريخ ۾ درستگي ڪئي وڃي. هن چيو ته ملڪ هلائڻ هن ناتجربيڪار وزيراعظم جي وس جي ڳالهه ناهي،

هن چيو ته بلوچستان مچ ۾ مظلوم هزاره برادريءَ سان ايڏو وڏو ظلم ٿيو آهي پر وزيراعظم غائب آهي. ان موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 92 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.