صبا قمر جي روز گُلَ موڪليندڙ گمنام مداح کي وڏي آڇ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا صبا قمر روز گُل موڪليندڙ پنهنجي گمنام مداح کي خاص پيغام ڏنو آهي.

صبا قمر انسٽاگرام تي پنهنجي پوسٽ ۾ گلابن جي گلدستي سان تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته کيس ڪوئي روز گلدستو موڪليندو آهي.

هن گلدستا موڪليندڙ اڻڄاتل مداح کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان توهان سان واقعي ڳالهائڻ چاهيان ٿي، تنهن ڪري توهان مون سان پنهنجي انهن مڪالمن سان رابطو ڪيو، جيڪي روز گلدستي سان استعمال ڪندا آهيو.

اداڪارا اهو به چيو ته اهي تحفا مون لاءِ قبول ڪرڻ ڏکيا آهن، تنهن ڪري مان اهي توهان کي واپس ڪرڻ چاهيان ٿي، پوءِ اچو ڳالهايون ٿا، مان توهان جي جواب جي منتظر آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.