برطانوي حڪومت جو ملڪ ۾ ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو اعلان

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نئين انفيڪشنز جي رڪارڊ انگ سبب ٻيهر سخت لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نين پابندين تحت انگلينڊ ۾ عام شهرين کي رڳو ايمرجنسي جي صورت ۾ گهران نڪرڻ جي اجازت هوندي.

برطانوي وزيراعظم بورس جانسن موجب اهو لاڪ ڊائون ان ڪري اڻٽر ٿي ويو هو ته ڪورونا وائرس جي ميوٽيشن کانپوءِ تبديل ٿيندڙ قسم عام شهرين کي وڏي انگ ۾ متاثر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

نين پابندين دوران برطانيا ۾ سمورا اسڪول پڻ بند رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.