ٻي ٽيسٽ: ڪيويز رنسن جي ٻوڏ آڻي ڇڏي، پاڪستان کي اننگز شڪست جو خطرو

 

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڪپتان ڪين وليمسن جي شاندار ڊبل سينچري، هينري نڪولس ۽ ڊيرل مچل جي سينچرين جي مدد سان پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ 362 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ پنهنجي رهيل اننگز 3  وڪيٽن جي نقصان تي 286 رنسن کان شروع ڪئي ته ڪين وليمسن 112 ۽ هينري نڪولس 89 رنسن سان  ڪريز تي موجود هئا.

ڪيوي بيٽسمينن پاڪستاني بالرن جو ڄمي مقابلو ڪندي انهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 659 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

نيوزيلينڊ جو ڪپتان ڪين وليمسن 238 ۽ هينري نڪولس 157 رنسن جي زبردست اننگز کيڏڻ کانپوءِ آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڊيرل مچل 102 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهرين اننگز ۾ 362 رنسن جي خساري کانپوءِ پاڪستان ٻي اننگز جي شروعات ڪئي ته واپنر شان مسعود هڪ ڀيرو ٻيهر کوتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.

ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 8 رنسون ٺاهيون ۽ قومي ٽيم کي اننگز شڪست کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 354 رنسن جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 297 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.