”حڪومتي اعليٰ قيادت جي ٻولي غنڊن کان به خراب آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مصدق ملڪ پي ٽي آءِ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته حڪومت طرفان اهڙي ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪا گهٽي جا غنڊا به استعمال ناهن ڪندا.

سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، حمزه کي جيل ۾ وڌو ويو، مريم نواز، شاهد خاقان سميت ٻين کي به جيلن ۾ وڌو ويو، اسان سڀني کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو پر مهانگائي ۽ غريبن جي ته ڳالهه ڪيو.

ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته بي آر ٽي، مالم جبا ڪيسن ۾ خاموشي ۽ جيڪو آواز اٿاري ان کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي هڪ ئي ڳالهه کي توهان ڪيو ته وفادار اسان ڪيون ته غدار. پارليامينٽ جي عزت ۽ اعتماد نه رهيو، رڳو ذليل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي جيلن ۾ وڌو ويو. سندس چوڻ هو ته حڪومتي رويي جي ڪري ادارن تي باقي رهيل اعتماد به وڃائجي ويو.

هن وڌيڪ چيو ته 2020ع ۾ اسان انساني حرمت ۽ وقار وڃايو، 8 گوليون هڻي اسلام آباد جي ٻار کي شهيد ڪيو ويو، 30 ارب جي ميٽرو ڪرپشن پر 100 ارب جي بي آر ٽي شفافيت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.