حيدرآباد: سنڌ سڀا پاران اوٻاوڙي ۾ پيش آيل واقعي خلاف بک هڙتال جاري

سنڌ سڀا پاران اوٻاوڙي ۾ پيش آيل واقعي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون انعام سنڌي ۽ سندس ساٿين جي آزادي تائين ٻئي ڏينهن به  بک هڙتال جاري رکي وئي،  ڪيمپ جي اڳواڻي حسين ڏاهري، نظير کوکر، اقب، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته احتجاجي ڪئمپ ۾ ناميارو اديب تاج جويي, قومي راڳي وقار ملاح, پنهل ساريو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رات جي اونداهي ۾ سنڌ سڀا جي پر امن قافلي مٿان اوٻاوڙو پوليس تشدد ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جيڪو وڏو ظلم آهي، هنن چيو ته سنڌ جي نياڻين کي گرفتار ڪري جيلن ۾ وجهي سندن تذليل ڪئي وئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي

هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته بدمست ايس ايڇ  اوٻاوڙو غلام عباس سندراڻي کي اهڙي ڪڌي حرڪت ڪرڻ تي جلد معطل ڪيو وڃي ۽ سنڌ مان گرفتار ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.