ينگ سوشل نيٽورڪ ميرپور ساڪري پاران سنڌ جي سالياني تعليمي ڏهاڙي بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي سنڌ جا بند پيل اسڪول کولرائڻ توڙي نوان استادن ڀرتي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، ينگ سوشل نيٽورڪ جي اڳواڻن عبدالرزاق ڪلمتي، قادر موليپوٽو، اعجاز شيخ ، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ لالا ساگر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ سوشل ھائوس ميڊيا سينٽر آڏو ريلي ڪڍي وئي ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيل آهن ، وڏي پيماني تي استادن جي کوٽ آهي جنهن ڪري معصوم ٻارن جي تعليم تباه ٿي رهي آهي ، ھنن چيو ته 8 جنوري تي سنڌ جي تعليم واري ڏينهن کي ڀرپور نموني ملھايو ويندو.