نوابشاهه/ميرپورساڪرو: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگره جون تقريبون

نوابشاهه ۽ ساڪرو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره ملهائي وئي، نوابشاهه  پيپلز رز فورم شھيد بينظيرآباد پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 هين سالگرهه ڊسٽرڪٽ  بار نوابشاھ   ۾ ملھائي وئي ، ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو  ويو ،  تقريب ۾ غلام شبير زرداري، علي بخش لاکو ، ظھير عباس زرداري ، علي رضا چنا، علي حسن لنڊ، رحيم لاشاري، لطيف خاصخيلي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ميرپور ساڪرو ۾ سوشل ھائوس ۾ سالگره تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ، ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو ضلعي ٺٽي جي آرگنائيزر لالا ساگر شيخ،  ماما عيسيٰ لاشاري، سيد محبوب شاه ، رفيق ڪوڏڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  شھيد ذولفقارعلي ڀٽو غريب ھارين ۽  پورھيتن لاءِ جدوجهد ڪندي ، آمرن سان مھاڏو اٽڪائيندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش  ڪيو ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.