شاهه محمود قريشي جو اپوزيشن تي ڪشميرين ۾ مايوسي پکيڙڻ جو الزام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي ڪشميرين جي تڪليف جو احساس آهي، ڪشمير مسئلي تي سڄي قوم جو موقف هڪ ئي آهي، سياسي قيادت کي ڪشمير مسئلي تي هٿ ملائڻ جي دعوت ٿا ڏيون.

سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ ڪشميرين کي گڏيل پيغام وڃڻ گهرجي، اسان کي احساس آهي ته اهي تڪليف ۾ گذاري رهيا آهن، ڀارت جي ظلم باوجود ڪشميرين جا حوصلا بلند آهن.

هن چيو ڪشميرين کي پيغام وڃڻ گهرجي ته حقن جي تحريڪ ۾ اسان انهن جو حصو آهيون، پاڪستان جو هر شهري ڪشميرين جي وڪالت ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جا ڪجهه ميمبر پنهنجي جذبن سان ڪشميرين ۾ مايوسي پکيڙيندا آهن، سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي دڪان چمڪائيندا آهن، اتفاق راءِ قائم رکڻ لاءِ سڀني اڳواڻن کي گذارش ڪئي، اپوزيشن اڳواڻن کي رهنمائي لاءِ دعوت ڏني.

پرڏيهي وزير موجب ذوالفقار علي ڀُٽي فرمايو هو ته ڪشمير جي ايڏي اهميت آهي جو هڪ سال جنگ وڙهڻي پئي ته وڙهنداسين، ڪاش ڀٽو جا جان نشين ائين پٺي نه ڏين ها، ڇا 72 سالن ۾ ن ليگ ۽ پ پ کي موقعو نه مليو؟ اسان جي سياسي نقشي تي ٽوڪ ڪئي وئي پر ان جي فائدي کي نه ڏٺو ويو، ڪشمير مسئلو اجاڳر ڪرڻ لاءِ جيڏو موقعو فضل الرحمان کي مليو ڪنهن پارليامينٽيرين کي نه مليو.

شاهه محمود قريشي چيو ته نئون چونڊيل آمريڪي صدر ڪشمير مسئلي کان واقف آهي، اميد ته جو بائيڊن اقتدار سنڀالي ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاريندو، آمريڪي انتظاميا ۽ يورپي يونين جي آواز اٿارڻ سان والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي اميد جاڳندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.