ڇا توهان دنيا جو سڀ کان سستو 108 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو فون وٺڻ پسند ڪندا…؟

شيائومي دنيا جو سڀ کان سستو 108 ميگا پڪسل بيڪ ڪيمرا وارو فون مي 10 آءِ جي شڪل ۾ متعارف ڪرايو آهي.

هي شيائومي جي مي 10 سيريز جو نئون فون آهي جنهن جا فيچر ريڊ م نوٽ 9 پرو 5 جي سان ملندڙ جلندڙ آهن.

شيائومي مي 10 آءِ ۾ 6.67 انچ جو ايل سي ڊي ڊسپلي ايف ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

ڪمپني موجب ڊسپلي پينل پاڻمرادي طور  ويڊيو کي ڏسندي 30 هرٽز يا گيمنگ ۽ ٻين ايپس جي دوران 120 هرٽ ريٽ تي سوئچ ڪري سگهي ٿو.

ڊسپلي ۾ ايڇ ڊي آر 10 پلس ۽ وائيڊ وائن ايل 1 سپورٽ موجود آهي.

فون ۾ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جڏهن ته 4829 ايم اي ايڇ بيٽري ۾ 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ٻين فيچرز ۾ اسٽيريو اسپيڪرز، هيڊ فون جيڪ، سائيڊ تي فنگر پرنٽ اسڪينر ۽ آءِ آر بلاسٽر واضح آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

ان مان مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل، 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ اينگل، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا شامل آهي.

فون جي فرنٽ ۾ 16 ميگا پڪسل پنج هول ڊيزائن ۾ ڏنو ويو آهي.

هي فون سڀ کان پهرين ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ريم اسٽوريج وارو ماڊل 300 ڊالرز (48 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو فون 328 ڊالر (52 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

ڪمپني طرفان جلد ان جو هڪ ٻيو 6 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 287 ڊالرز (46 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.