”مريم نواز پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ گرفتار ٿيڻ ٿي چاهي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي سڌُ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ چاهي ٿي ته کيس پڪڙي جيل ۾ وڌو وڃي.

فردوس عاشق اعواڻ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 100 ميگا واٽ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون جهن سان سستي بجلي حاصل ٿيندي، حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي زميواري نڀائيندي، گذريل حڪومت توانائي جي مهانگي منصوبن سان نقصان رسايو، ترقي جو سفر رائيونڊ تائين محدود هو، هاڻ سڄي ملڪ تائين پهچي چڪو آهي.

خاص مددگار چيو ته پي ڊي ايم جلسن ۾ مولانا فضل الرحمان کي ڍال طور استعمال ڪري مدرسن جا شاگرد آندا ويا، توهان هاڻ ڪيپٽن صفدر کي مولانا فضل الرحمان جا هٿ چمندي ڏسو پيا، پر کين هڪ ٻئي کي چميون ڏيندي ڏسندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ ڦرلٽ کي عزت جو نظريو ڪري اختيار ڪيو، مريم بيبي ۽ شوباز شريف پهرين هڪ پيج تي اچن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.