ملڪ ۾ اڄ سون ڪيترو مهانگو ٿيو…؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي في تولي ۽ 10 گرام سون ۾ اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 15 ڊالر وڌي 1948 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي. ان جي ڪري مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به اڱاري تي في تولي ۽ في 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيب وار 400 رپيا ۽ 343 رپيا وڌيڪ واڌ ٿي.

ان جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپندي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي مارڪيٽن ۾ في تولي سوني جي قيمت وڌي 116000 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي قيمت وڌي 99451 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.