ثناءُ الله عباسي جي سپريم ڪور ٽ ۾ هڪ ۽ صحافين سان ٻي ڳالهه

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ جي خيبر پختونخواهه ثناءُ الله عباسي سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل پنهنجي بيان تان ڦري ويو.

سپريم ڪورٽ ۾ ڪرڪ ۾ مندر ساڙڻ واري واقعي جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ثناءُ الله عباسي چيو ته ان جاءِ تي جمعيت علماءِ پاڪستان جو جلسو هو، جيڪو مولانا فضل الرحمان اسپانسر ڪيو.

ٻڌڻي کانپوءِ جڏهن صحافين کانئس سوال ڪيو ته هن فضل الرحمان جو نالو نه ورتو ۽ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو نالو غلطي سان واتان نڪري ويو، مان مولانا فيض الله چئي رهيو هيس، جي يو پي جي جلسي کي اتان جي مقامي مولانا فيض الله اسپانسر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.