مولانا فضل الرحمان جي 4 ويجهي ساٿين خلاف نيب ريفرنس داخل

پشاور(ويب ڊيسڪ) نيب خيبرپختونخواهه مولانا فضل الرحمان جي چار ويجهن ساٿين جي خلاف ريفرنس داخل ڪري ورتو.

قومي احتساب بيورو خيبرپختونخواهه انڪوائريون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ نيب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ورتو. چار ئي جوابدار محمد ارسلان، محمد فاروق، قيصر عباس ۽ موسيٰ خان مبينا طور تي مولانا فضل الرحمان جا ويجها ساٿي آهن.

نيب خيبرپختونخواهه ۾ مولانا فضل الرحمان جي مبينا چار ويجهي ساٿين جي خلاف انڪوائريون جاري هيون جنهن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا رکڻ، ڀرتين ۾ پنهنجا نوازي ڪرڻ سميت مختلف منصوبن ۾ گهوٻين جا الزام آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.