حيات پتافي ۾ گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو

حيات پتافي شھر ۾ گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي احتجاج ڪندي جمعو خان ميراڻي، حاجي ميراڻي، ۔شھاب ميراڻي،  مجيب ميراڻي ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 10 سالن کان شھر جي نيڪال جو پاڻي تلائن جي شڪل ۾ بيٺل آھي جنهن سبب علائقي جي جر جو پاڻي کارو ۽ پيئڻ لائق نه رهيو آھي. هنن ٻڌايو ته اهو گندو پاڻي هاڻي انهن جي گهرن ۾ ڪاھي پيو آھي۔گندي پاڻي بيهڻ ڪري انهن جي ڳوٺ ۾ طرح طرح جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي

هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي. هوڏانهن پاڻي ڪڍندڙ مشين جي آپريٽر جميل احمد کوکر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هو روز مشين هلائيندا آهن پر پاڻي جو مقدار وڌيڪ هجڻ ڪري مڪمل نڪري نه سگهندو آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.