ڪڍڻ /بدين: ديھه سينگاري ۾ ڪوئيٽا واسي پيءُ پٽ قتل، ايس ايس پي نوٽيس ورتو

ڪڍڻ شھر  لڳ ديھه  سينگاري ۾ ڪوئيٽا واسي  پيءُ پٽ کي قتل ڪيو ويو ،ايس پي بدين پاران واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ويا،  ڪوئيٽا جي ڳوٺ زاھي خان چوڪ جا رھواسي جاويد پٽ لياقت ۽ تنوير پٽ جاويد لهڙي ديهه  سينگاري ۾ پنھنجي ٻني تي آيل ھئا ۽  ڪڍڻ ۾ لڳندڙ مال پڙي مان مال جو واپار ڪري واپس ٻني تي وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺ ابراھيم شاھ وٽ سندن ئي خاندان جي اڻ ڄاتل ماڻھن گوليون ھڻي پيء ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو،  لاش ڪڍڻ ھيلٿ سينٽر تي پوسٽ مارٽم لاء آندا ويا,  ايس ايس پي بدين شبير احمدسيٺار قتل ٿيل ٻن ڄڻن واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم  جاري ڪري ڇڏيا،   ڪڍڻ واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هو  ڪوشش ڪن پيا ته جوابدارن کي گرفتار ڪن.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.