کپرو : خليفي حاجي شاھ محمد ھنڱورجو جي چاليهي تي دستاربندي جي تقريب

کپرو لڳ ڳوٺ فقير محمد ھنڱورجو ڍليار ۾ جماعت جي معزز شخصيت  خليفي  حاجي شاھ محمد ھنڱورجو جي وفات بعد چاليهي جي موقعي تي دستاربندي جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾مرحوم خليفي حاجي شاھ محمد ھنڱورجو جي وڏي فرزند مولوي محمد حسن سڪندري کي پڳ ٻڌرائي وئي جنھن جو پهريون ور حر جماعت جي چيف خليفي  قادر بخش منڱريو ڏنو جنھن بعد ٻيو ورچيئرمين فيصلا ڪميٽي حر جماعت حاجي پير بخش جوڻيجو ڏنو  ان کانپوءِ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي ميرپورخاص جي صدر مبارڪ مھر ،حر جماعت جي مختلف چونڪين جي  خليفن ۽ علائقي جي معزز شخصيتن پڻ  پڳ جا ور ڏنا، دستار بندي تقريب ۾  حر جماعت جي معزز شخصيتن ،علائقي جي معزز ماڻهن سان گڏ عام ماڻھن  وڏي تعداد شرڪت ڪئي ،چاليھي ۽ دستاربندي تقريب جي شروعات قرآن خواني سان ڪئي وئي جنھن کان پوء محفل مولود ۽ نعت خواني ٿي گزري.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.