روس پنهنجي تيار ڪيل ويڪسين جي پاڪستان ۾ رجسٽريشن جو خواهشمند

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) روس پنهنجي تيار ڪيل ويڪسين ”اسپٽنڪ V“ جي پاڪستان ۾ رجسٽريشن ۾ دلچپسي ڏيکاري ڇڏي.

ان حوالي سان وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار فيصل سلطان نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ”اسپٽنڪ V“ ويڪسين جي پهرين بيچ جي ڊمانڊ کان آگاهه ڪري.

روسي ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته ”اسپٽنڪ V“ دنيا جي پهرين رجسٽرڊ ڪورونا ويڪسين آهي، جيڪو 91.4 سيڪڙو تائين اثرائتي آهي.

روسي ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فنڊ جي سربراهه خط ۾ لکيو آهي ته اسپٽنڪ ويڪسين هنگامي استعمال سرٽيفڪيٽ يافته آهي، جيڪا فيبروري 2021 ۾ عوامي سطح تي دستياب هوندي، عالمي مارڪيٽ ۾ اسپٽنڪ وي جي هڪ خوراڪ قيمت 10 ڊالرن کان گهٽ هوندي.

هن چيو آهي ته اسپٽنڪ V ٻي ويڪسين جي ڀيٽ ۾ ذخيرو ڪرڻ سولو آهي، اها ڪاٽو 2 کان 8 درجي حرارت تي محفوظ ٿي سگهندي، اسپٽنڪ V ٻين ويڪسينز جي ڀيٽ ۾ سستي آهي.

ذريعن موجب روس جي اسپٽنڪ ويڪسين کي آگسٽ 2020 ۾ رجسٽر ڪيو ويو هو، روس ۾ اسپٽنڪ وي جي محدود استعمال جي شروعات گذريل سال نومبر ۾ ٿي هئي، پاڪستان کي روسي ڪمپني ويڪسين جي رجسٽريشن جي اڳ به آڇ ڪئي هئي، روسي ڪمپني گذريل مهيني ڪورونا ويڪسين جي في خوراڪ 26 ڊالرن ۾ آڇ ڪئي هئي، هاڻ 10 ڊالر في خوراڪ آڇ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.