هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل نه پئي ٿئي: پي آءِ اي جي وضاحت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائن وضاحت ڏيندي چيو آهي ته هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل نه پئي ٿئي.

پي آءِ اي انتظاميا طرفان اسٽاڪ ايڪسچينج کي کليل وضاحتي خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيڊ آفيس ڪراچي کان منتقل نه پئي ٿئي، مالي ڏکيائيون آهن، قومي ايئر لائن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڌارن جي عمل تحت اهم فيصلا ڪيا پيا وڃن، فيصلن بابت اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪندا رهنداسين ۽ سڀني قانونن جي پاسداري ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.